خانپور(زبيرگل) رستم ٿاڻي جي حد ڳوٺ سوڍو ڪمالاڻي جتوئي ۾ ڪمالاڻي ۽ بڊاڻي جتوئين ۾ ڪارنھن تان شروع ٿيل تڪرار ٻيھر ڀڙڪي اٿيو، ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ ھڪ ڄڻو قتل، ھڪ ڄڻو شديد زخمي، فائرنگ سبب علائقي ۾ ڏھڪاء ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ڌريون مورچا بند ٿي ويون. ٻنهي ڌرين جي ھٿياربندن جي ڇتي فائرنگ ۾ ھڪ ڄڻو منڌي عرف غازي ڪمالاڻي جتوئي ٿڏي تي قتل ٿي ويو جڏھن تہ سندس سان گڏ ھڪ ڄڻو داتا پٽ تڳيل ڪمالاڻي جتوئي زخمي ٿي پيو آھي. ڌرين ۾ فائرنگ سبب علائقي ۾ خوف وارو ماحول پيدا ٿي ويو آھي. زخمي داتا ڪمالاڻي ڪيسن ۾ گھربل ھجڻ سبب وارثن علاج جي لاء اڻڄاتل ھنڌ منتقل ڪيو آھي، ٻئي طرف رستم پوليس وارثن سان گڏجي مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم جي لاء خانپور اسپتال آندو پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.










