پراڪسي جنگيون ختم ڪرڻ ۽ ايران سان معاهدو ڪرڻ چاهيان ٿو

پراڪسي جنگيون ختم ڪرڻ ۽ ايران سان معاهدو ڪرڻ چاهيان ٿو

رياض (ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ آهي ته هو ملڪن جي وچ ۾ پراڪسي جنگيون ختم ڪرڻ ۽ ايران سان هڪ معاهدو ڪرڻ چاهي ٿو. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، جيڪو سعودي عرب جي دوري تي آهي، چيو ته هو نئين شامي حڪومت سان لاڳاپا معمول تي آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ۽ هڪ نئين شروعات لاءِ شام تي پابنديون هٽائي ويون آهن. هن وڌيڪ چيو ته هو ملڪن جي وچ ۾ پراڪسي جنگيون ختم ڪرڻ ۽ ايران سان هڪ معاهدو ڪرڻ چاهي ٿو.

پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ تڪرارن جي حل جي آجيان ڪنداسين: ڪنگ سلمان

سعودي ولي عهد محمد بن سلمان پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ جنگ بندي جي آجيان ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته ڏکڻ ايشيا ۾ امن لاءِ آمريڪي صدر جون ڪوششون قابل تعريف آهن، ۽ هو پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ تڪرارن جي حل جو استقبال ڪندو.رياض ۾ خليج سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندي ولي عهد محمد بن سلمان چيو ته جي سي سي خطي ۾ امن چاهي ٿو ۽ غزه ۾ جنگ بندي جو مطالبو ڪري ٿو. هن پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ جنگ بندي جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته هو پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ تڪرارن جي حل جو استقبال ڪندو. ڏکڻ ايشيا ۾ امن لاءِ آمريڪي صدر جون ڪوششون قابل تعريف آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو