پرامن شهرين تي تشدد، برمي جنرل جي ٻارن تي پابندي

پرامن شهرين تي تشدد، برمي جنرل جي ٻارن تي پابندي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا برما جي فوجي جنرل من آنگ هيلنگ بعد سندس ٻن ٻارن تي به پابندي لڳائي ڇڏي آهي، پابندي بعد سندن ملڪيتون ضبط ڪيون وينديون. آمريڪا جي ناڻي واري وزارت برمي جنرل تي پابندي فوجي بغاوت خلاف پرامن  مظاهرين جي قتل جي رد عمل تي لڳايون آهن. آمريڪي ناڻي واري وزارت مطابق پابندين جي لاڳو ٿيڻ کانپوءِ پوري آمريڪا ۾ جنرل جي ٻنهي ٻارن جا بئنڪ اڪائونٽ ۽ اثاثا منجمد ڪيا ويندا. ياد رهي ته آمريڪا پاران برما ۾ فوجي بغاوت ڪرڻ جي الزام هيٺ فوج جي ٽن ڪمپنين ۽ درجن ڀر جنرلن تي اڳ ۾ ئي پابندي لاڳو آهي ۽ سندن هڪ ارب ڊالر جي ملڪيت منجمند ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو