پراسيڪيوشن جي ڪيسن ۽ سيشن ججن جي رپورٽن ۾ فرق

پراسيڪيوشن جي ڪيسن ۽ سيشن ججن جي رپورٽن ۾ فرق

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب ۾ داخل ڪيسن جا چالان عدالتن ۾ موڪلڻ واري معاملي تي سيشن ججن جي رپورٽن جو جائزو وٺڻ ۽ مستقبل جي ڊيٽا بابت رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ عاليه نيلم چيو آهي ته پراسيڪيوشن جي موڪليل ڪيسن ۽ سيشن ججن جي رپورٽن ۾ فرق آهي، رپورٽ منهنجي آفيس ڏانهن موڪلي وڃي ته جيئن ڪيس کي اڪلائي سگهجي.پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته 31 جولاءِ 2024 تائين سمورن ڪيسن جا چالان عدالتن ۾ موڪليا ويا آهن.چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ چيو ته اٽڪ، ملتان، قصور، چکوال، ٽوبا ٽيڪ سنگهه جي پراسيڪيوشن ۽ سيشن ججن جي رپورٽ درست آهي، باقي ضلعن جي ڊيٽا ۾ فرق آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو