پراسرار طريقي سان 100 ٻڪرين جي مرڻ جي جاچ جو حڪم

پراسرار طريقي سان 100 ٻڪرين جي مرڻ جي جاچ جو حڪم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) گهرو کاتي جي صوبائي وزير ضياالحسن لنجار ڊگهڙي ۾ پراسرار نموني هڪ مالوند جون 100 ٻڪريون هڪ ئي وقت مري وڃڻ جي خبر جو نوٽيس وٺندي جاچ جو حڪم ڏنو آهي. هن ايس ايس پي ميرپور خاص کي ڊي ايس پي سي آءِ اي جي سربراهي ۾ جاچ ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي. صوبائي وزير چيو ته اها به جاچ ڪريو ته ڪٿي هي واقعو ڪنهن ذاتي دشمني جو نتيجو آهي يا، زهريلو گاهه کائڻ يا پاڻي پيئڻ سبب اهي مري ويون آهن. گهرو کاتي جي آفيس مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ذاتي دشمني جي صورت ۾ ذميوارن خلاف ڪيس داخل ڪري کين سزا ڏياري ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو