ٽنڊومستي (نادرعلي اڄڻ)ڳوٺ لعل بخش ڪانڌڙو ۾قائم گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول جي عمارت انتهائي زبون ۽ فرنيچر نه ھجڻ سبب ٻارکلي آسمان ھيٺان تعليم پرائڻ تي مجبور آهن. استادن، شاگردن ۽ والدين صحافين کي ٻڌايو ته سھولتن جي سخت کوٽ سبب ڪيترا ڀيرا تعليم کاتي خيرپور جي اختيارين کي لکت ۾ دانھڻ باوجود به هن مسلي طرف ڌيان نه ٿو ڏنو وڃي. ان موقعي تي احتجاجي مظاهرو به ڪيو ويو رياض حسين ڪانڌڙو ؛ مدد علي؛ رضوان علي؛ ثناء الله ؛ ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته اسڪول جي بلڊ نگ فرنيچر ۽ ٻيون سھولتون نه ھجڻ ڪري سخت پريشان آھيون، هنن تعليم جي سيڪريٽري ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته اسڪول جي عمارت ۽ فرنيچر جو جلد بندوبست ڪيو وڃي. استادن ٻڌايو ته اسڪول جو رڪارڊ به کليل پيو آهي جيڪو بارش سبب متاثر ٿيڻ جو خدشو رهي ٿو.










