اسلام آباد (اياز مهر) پرڏيهي کاتي جي وزير شاهه محمود قريشي بلاول ڀٽو کي مشورو ڏيندي چيو آهي ته سندس لاءِ اهو مناسب ناهي ته سنڌوديش ۽ پختونستان جي ڳالهه ڪري.. پختونستان جي ڳالهه ڪندڙ پٽجي ويا آهن ۽ سنڌو ديش جي ڳالهه ڪندڙن کي به شڪست ملندي. اهڙو اظهار هن قومي اسمبلي ۾ خطاب دوران ڪيو. هن چيو ته مونکي اميد آهي ته سنڌ وارا پاڪستان کي سپورٽ ڪندا. هن بلاول، پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت جو نالو کڻڻ کانسواءِ چيو ته اسان کي اوهانجي حڪومت سان گندگي ڪرڻ جي ڪا نيت ناهي. مان وفاقي حڪومت پاران پاليسي بيان ٿو ڏيان ته اسين آئين جو مڪمل احترام ڪريون ٿا ۽ ڪندا رهنداسين. هن چيو ته وزير قانون فروغ نسيم جي آرٽيڪل 149 بابت ڏنل بيان کي غلط رنگ ڏنو ويو آهي ۽ هن اهڙي وضاحت به جاري ڪئي آهي. ياد رهي ته ڪالهه بلاول ڀٽو زرادري حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خبردار ڪيو هو ته ڪراچي تي وفقي حڪومت قبضي جو خواب ڏسن ڇڏي ڏي. جيڪڏهن ڪشمير تي مودي جو قبضو ناجائز آهي ته پوءِ ڪراچي تي تحريڪ انصاف جو قبضو ڪيئن جائز آهي. واضح رهي ته خميس تي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي صدر عارف علوي جي سالياني خطاب دوران اپوزيشن ايوان ۾ وڏو هل هنگامو ڪيو هو، گرفتار ايم اين ايز جا پروڊڪشن آرڊر جاري نه ڪرڻ تي اسپيڪر تي به تنقيد ڪئي هئي ۽ گرفتار ايم اين ايز جن ۾ آصف علي زرداري به شامل هو تن جا فوٽو ايوان ۾ لهرايا هئا. ان تناظر ۾ شاهه محمود قريشي چيو هو ته اوهين احتجاج ڀلي ڪريو پر ڪشمير مسئلي تي ان کي فوقيت نه ڏيو.
پاڪستان جي تعليم.جو ٻڏل ٻيڙو ۽ ان کي تارڻ جا طريقا؛؛؛
بجلي هڪ رپيو 45 پئسا في يونٽ مهانگي ٿيڻ جا امڪان
ڪرغستان مقامي ۽ پرڏيھي شاگردن ۾ جھيڙو،پاڪستاني شاگرد زخمي
نادرا جديد ترين آل ان ون ڊجيٽل سڃاڻپ ڪٽ تيار ڪري ورتي
بشڪيڪ ۾ پاڪستاني شاگردن جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي،بلاول
سنڌ ۽ پنجاب ۾ 21 مئي کان هيٽ ويو جي اڳڪٿي
اغوا جا واقعا امن امان جي سنگين صورتحال جي نشاندهي ڪن ٿا
ڪوئيٽه پريس ڪلب جي تالا بندي، آرٽيڪل 19 جي ڀڃڪڙي قرار
حيدرآباد جي سول اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ فائرنگ، ٻه ڄڻا سخت زخمي
ميڊيا کي توهين عدالت تي ٻڌل مواد نشر ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي
خوشاب ۾ ٽرڪ کاهيءَ ۾ڪِري پئي، هڪ ئي خاندان جا 14 ڄڻا فوت
ڪرغز سفارتخاني جو ڊپٽي هاءِ ڪمشنر ڊيمارش لاءِ پرڏيهي کاتي طلب
سرهاڙي ڀرسان ٽريڪٽر ٽرالي عورت کي چيڀاٽي ڇڏيو
ملڪ ۾ اڄ سون جي في تولو قيمت ۾ 3100 رپيا واڌ
سنڌ ۾ عيد الاضحيٰ لاءِ سڪيورٽي پلان تيار طلب
جسٽس منيب اختر سپريم ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس طور حلف کڻي ورتو
ن ليگ ورڪنگ ڪميٽي اجلاس، شهباز شريف پارٽي جو وقتي صدر نامزد
گنڊاپور پاڻ کي تيس مار خان ٿو سمجهي پر هو رڳو هوا ۾ فائر ڪندو آهي
صدف جي اچڻ سان ئي انداز زندگي ۾ تبديلي آئي: شهروز سبزواري
پسني جي پھاڙي علائقي مان ڪروڙين رپين جي چرس ھٿ