پبلڪ ھيلٿ جي نااھلي مين ڊرينج لائين جا پائيپ ڦاٽي پيا،شهر ٻڏي ويو

پبلڪ ھيلٿ جي نااھلي مين ڊرينج لائين جا پائيپ ڦاٽي پيا،شهر ٻڏي ويو

کڏڙو (ن سنڌيار) کڏڙو پبلڪ ھيلٿ جي نااھلي مين ڊرينج لائين جا پائيپ ڦاٽي پيا ۔ کڏڙو شھر جي مين بازار گندي پاڻي سان ڀرجي وئي ۔ دڪاندارن جو احتجاجي مظاھرو ۔ خبرموجب کڏڙو شھر جي مين ڊرينج لائين جا 2 پائيپ گذريل ٻن ڏينھن کان جمڙائو روڊ وٽ ڦاٽل ھئڻ سبب پبلڪ ھيلٿ جي عملي پاران شھر جو ڊرينيج جون مشينون بند ڪيون ويون آھن جنھن سبب شھر جا گٽر ھنڌان ھنڌان اٿلي پيا ۽ گٽرن جو گندو پاڻي شھرين جي گھرن سميت مين بازار ۾ ڪاھي پيو شھر جي مين بازار ۾ ھڪ فوٽ کان 2 فوٽن تائين گندو پاڻي بيھي ويو ۔ جنھن تي دڪاندارن پاران گلو ملڪ ، رشيد احمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪندي پبلڪ ھيلٿ جي سب انجنئير خلاف نعريبازي ڪندي دانھيندي چيو ته پبلڪ ھيلٿ جو ڪرپٽ سب انجنئير شاھنواز خاصخيلي جي نا اھلي سبب شھر تباھ ٿي رھيو آھي سندس خلاف انڪوائري ڪري ڪارواي ڪئي وڃي ۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو