سانگهڙ (رپورٽ نادر بڙدي)شهرين کي صاف پاڻي مهيا ڪرڻ لاء 12 سال اڳ 35 ڪروڙ روپين جي لاڳت سان شروع ڪيل ميگا پروجيڪٽ منصوبو پبلڪ هيلٿ انتظاميا سانگهڙ جي لاپرواهي سبب ڪرپشن جي ور چڙهي ويو آهي شهر ۾ موجود تلائن واري پاسي پاڻي کي اسٽور ڪرڻ لاء ٺاهيل واٽر ٽينڪ واري ڇت جو مڪمل حصو ويهي ويو ۽ هنڌان هنڌان توڙي پاسن کان ڏار پئجي ويا، هي اسڪيم مڪمل ٿيڻ جي آخري مرحلن ۾ هئي ۽ ايندڙ مهيني افتتاح ٿيڻو هو پر ان کان پهرئين ئي واٽر ٽينڪ لاء ٺاهيل ڇت مڪمل طور تي ويهي وئي ۽ غلط مٽيريل استعمال ٿيڻ سبب ڇت جو مڪمل حصو ٺهڻ کان پوء ڊهڻ شروع ٿي ويو، جنهن کي ٽوڙڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي، سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته هن هيڏي وڏي ڪرپشن جي ذميوار ڪامورن توڙي ٺيڪيدار خلاف ڪابه ڪاروائي هن وقت تائين ناهي ڪئي وئي ، سپرنٽنڊنٽ انجنيئر شفيق ميمڻ به گذريل ڏينهن دوري تي آيل هو جيڪو پبلڪ هيلٿ آفيس ۾ ويهي هليو ويو ۽ هن هيڏي وڏي اسڪينڊل واري جاء جو معائنو به نه ڪيو، هن واقعي ۾ پبلڪ هيلٿ جا اڳوڻا توڙي هاڻوڪا انجنيئر ۽ ايس ڊي او شامل آهن، جن مان هڪ انجنيئر عبد الرشيد ڪٽپر پڻ رٽائرڊ ٿي ويو آهي، اهڙي واقعي جو پيپلز پارٽي جي ايم اين اي نويد ڏيرو نوٽيس ورتو ۽ پبلڪ هيلٿ جي صوبائي سيڪريٽري سميت اعلي اختيارين سان رابطو ڪري سموري صورتحال کان آگاهه ڪيو، رابطو ڪرڻ تي پيپلز پارٽي جي ايم اين اي نويد ڏيرو چيو ته اليڪشن مان چونڊون کٽي اچڻ کان پوء منهنجي پهرئين خواهش هئي ته سانگهڙ جي شهرين کي صاف پاڻي وارو منصوبو مڪمل ڪرائي ڏيان، هي پراڻي اسڪيم هئي جنهن کي وڏين ڪوششن کانپوءِ چالو ڪرائڻ پئي چاهي ته جيئن شهرين کي فائدو پهچي پر افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته پبلڪ هيلٿ کاتي هن اسڪيم کي ڪرپشن جي ور چاڙهي ڇڏيو، هن چيو ته ذميوار آفيسرن ۽ ٺيڪيدارن خلاف ڪاروائي لاء اعلي اختيارين سان ڳالهايو آهي، جلد ذميوارن خلاف ڪاروائي ٿيندي، هن چيو ته وڏي وزير سان ملاقات ڪري کيس سڄي صورتحال کان آگاه ڪندس، هوڏانهن فيڊريشن آف ڪامرس سانگهڙ جي صدر ماسٽر شير محمد ، حاجي يامين عرف لالو قريشي،شهري ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ حسن عسڪري ۽ ٻين چيو ته هن اسڪيم مان شهرين کي فائدو پهچي ها، پر پبلڪ هيلٿ کاتي جي ڪرپٽ ڪامورن ڪرپشن ڪري اسڪيم جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو ۽ واٽر ٽينڪ واري ڇت استعمال ٿيڻ کان اڳ ئي ويهي وئي، شهري 70 سالن کان گندو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن، هن اسڪيم مان وڏو فائدو پهچي ها، هنن چيو ته سپريم ڪورٽ هن منصوبي ۾ ٿيل ڪرپشن جو نوٽيس وٺي، هي هڪ وڏو اسڪينڊل آهي جنهن جا ذميوار پبلڪ هيلٿ کاتي جا ڪرپٽ ڪامورا آهن هنن چيو ته واٽر ٽينڪ واري ڇت ۾ سيمينٽ بجاء بجري جو وڌيڪ استعمال ڪيو ويو آهي، هن اسڪيم شهرين جي چهري تي مرڪون آڻي ڇڏيون پر پبلڪ هيلٿ جي نااهلي سبب هن منصوبي شهرين کي صاف پاڻي پيئڻ کان محروم ڪري ڇڏيو.










