پبلڪ اسڪول گڏاپ جو پرنسپل ڊاڪٽر عبدالقيوم مغيري برطرف

پبلڪ اسڪول گڏاپ جو پرنسپل ڊاڪٽر عبدالقيوم مغيري برطرف

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن پنھنجي پريس پڌرائي ۾ اداري جي زير انتظام تعليمي اداري پبلڪ اسڪول گڏاپ جي اڳوڻي پرنسپل ڊاڪٽر عبدالقيوم مغيري جي حوالي سان سگا جي قيادت ۽ پبلڪ اسڪول گڏاپ جي بورڊ آف گورنرس ۽ انتظاميا خلاف پنهنجي نامناسب عمل ۽ پنهنجي عهدي جو ناجائز استعمال ڪرڻ ۽ بدعنوانين ۾ ملوث ٿيڻ ڪري پڇاڻو ٿيڻ تي اڻوڻندڙ مهم شروع ڪرڻ تي سخت افسوس جو اظهار ڪندي سندس حوالي سان ڪجهه اخبارن ۽ سوشل ميڊيا تي سگا جي قيادت ۽ اداري تي تهمتون ۽ الزامن کي سختي سان رد ڪيو آهي ۽ انهن الزامن کي بي بنياد قرار ڏنو آهي. اداري طرفان پريس پڌرائي ۾ اهو پڻ ڄاڻايو ويو ته ڊاڪٽر عبدالقيوم مغيري کي اداري طرفان پرنسپال جي عهدي تان برطرف ڪيو ويو آهي ۽ هن طرفان لکت ۾ سگا جي چيئرپرسن ۽ چيئرمين بورڊ کان پنهنجي ڪيل حرڪتن تي معافي پڻ ورتي وئي آهي.سگا جي پڌرائي ۾ ڊاڪٽر عبدالقيوم مغيري طرفان اداري جي محترم قيادت ۽ اسڪول جي انتظاميا تي تهمتون هڻڻ کي افسوسناڪ عمل قرار ڏيندي سندس لکت ۾ ڏنل معافي کي ناقابل قبول قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو ۽ کيس سندس عهدي تان برطرف ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جو پنهنجي جاري ڪيل ترديدي ۽ وضاحتي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته، ڊاڪٽر عبدالقيوم مغيري کي اداري سگا جي انتظاميا طرفان گهربل قانوني تقاضائن مطابق انٽرويو ڪرڻ کان پوءِ پبلڪ اسڪول گڏاپ جو پرنسپال مقرر ڪيو ويو پر افسوس ته هن پهرين اپريل تي پرنسپل جي حيثيت ۾ پنهنجي چارج سنڀالي ۽ هن کي اسڪول جي بورڊ جي چيئرمين طرفان سندس ذميوارين بابت آگاهه ڪيو ويو. پر افسوس ته پهرئين ڏينهن کان وٺي ڊاڪٽر صاحب اسڪول جي قانون قاعدن ۽ ضابطن کي قبولڻ کان لنوائيندو رهيو ۽ پاڻ کي اسڪول جو مڪمل مالڪ تصور ڪندي غير قانوني طور تي ڪيترا ئي ماڻهو آڻي اسڪول ۾ مقرر ڪيا ۽ اسڪول ۾ غير قانوني طور تي پنهنجو پرسنل سيڪريٽري مير مهيم ٽالپر بنا ڪنهن انٽريو ۽ اداري جي انتظاميا جي منظوري کانسواء وڏي پگهار تي مقرر ڪيو . اهڙي ريت، ڪيترا ئي ماڻهو اداري جي لازمي طريقيڪار ۽ قانون قاعدن موجب اشتهار جاري ڪرڻ ۽ ڪاميٽي طرفان انٽرويو ڪري چونڊ ڪرڻ کانسواء ڀڃڪڙي ڪندي مقرر ڪيا. ان کان علاوه اسڪول جي انتظاميا طرفان پڻ پرنسپال بابت ملندڙ شڪايتن ۽ چارج سنڀالڻ جي ٻئي ڏينهن اسٽاف جي وڃڻ کان پوءِ سي سي ٽي وي ڪنٽرول روم جو دروازو ٽوڙي پاڻ سان آندل ماڻهن کي اتي داخل ڪيو. اهڙي ريت هن جون غير سنجيده حرڪتون وڌنديون ويون ۽ اسڪول ۾ پڙهائيءَ ڏانهن ڪو به توجهه نه رهيس. جنهن ڪري اداري طرفان هن کي سندس عهدي تان برطرف ڪيو ويو ۽ سندس ملازمت ختم ڪئي وئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو