دوحا(ويب ڊيسڪ)صدر آصف علي زرداري ڀارت کي پاڻي کي هٿيار بڻائڻ بابت خبردار ڪندي چيو آهي ته هندستان جون ’انڊس واٽر ٽريٽي‘ جي ڀڃڪڙي نه ڪامياب ٿي آهي ۽ نه ئي ٿيندي. هن چيو ته پاڪستان هڪ طرف موسمي تبديليءَ جي اثرن سان تباهه ٿي رهيو آهي، جنهن سبب وڏين ٻوڏن ماڻهن کي متاثر ڪيو، ۽ ٻئي طرف پاڻي کي هٿيار بڻائڻ جي خطري کي منهن ڏئي رهيو آهي. صدر زرداري اڱاري تي قطر جي گاديءَ واري شهر دوحا ۾ منعقد ٿيل “ٻئي عالمي سماجي ترقي واري اجلاس” ۾ ڳالهائيندي چيو ته: “اسان پاڪستان ۾ هڪ پاسي موسمي تبديليءَ جا سخت اثر سهي رهيا آهيون، ۽ ٻئي پاسي اسان کي پاڻي کي هٿيار بڻائڻ واري نئين خطري سان منهن ڏيڻو پيو آهي. پاڻي، جيڪو پوري دنيا ۾ هر انسان جو برابر جو حق آهي، ان کي سياست جو هٿيار بڻائڻ خطرناڪ فعل آهي.” هن وڌيڪ چيو: “اسان کي سرحد پار کان هڪ نئين خطري جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ــ پاڻي کي هٿيار بڻائڻ ۽ انڊس واٽر ٽريٽي جي ڀڃڪڙيءَ جي صورت ۾، هي عمل 240 ملين پاڪستانين لاءِ سنگين خطرو آهي. اهڙيون حڪمت عمليون ڪڏهن به ڪامياب نه ٿينديون.” جون 2025ع ۾ هيگ جي مستقل ثالثي عدالت (PCA) فيصلو ڪيو هو ته هندستان هڪ طرفو طور تي انڊس واٽر ٽريٽي کي معطل نٿو ڪري سگهي. هندستان، پنهنجي ردعمل ۾، چيو هو ته هو عدالت ۽ ان جي فيصلي کي تسليم نٿو ڪري. 1960ع جي پاڻي معاهدي تحت، ٽي درياهه سِنڌ، جهلم۽ چناب پاڪستان کي ڏنا ويا هئا، جڏهن ته ٽي درياهه رواي، ستلج ۽ بياس هندستان کي مليا هئا. 2023ع ۾ پاڪستان هندستان جي هائيڊرو پاور منصوبن بابت ثالثي عدالت ۾ ڪيس داخل ڪيو هو، جن کي معاهدي تحت پاڪستان لاءِ مخصوص درياهن تي تعمير ڪيو پيو ويو.
عدالت پنهنجي آگسٽ واري فيصلي ۾ چيو هو ته هندستان کي انهن منصوبن ۾ “بهتر انجنيئرنگ عمل” جي نالي تي معاهدي جي حدن کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت ناهي. هن چيو ته هندستان کي لازمي طور تي معاهدي ۾ ڏنل فني شرطون پوريون ڪرڻيون پونديون ۽ پاڪستان لاءِ اولهه وارن درياهن جو پاڻي آزاديءَ سان وهڻ ڏيڻو پوندو. صدر زرداري چيو ته پاڪستان سماجي انصاف، گڏيل ترقي، ۽ عالمي يڪجهتي لاءِ پرعزم آهي، ۽ غربت ختم ڪرڻ، باعزت روزگار ۽ انساني حقن کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو. هن دوحه سياسي اعلان (Doha Political Declaration) جي مڪمل حمايت جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان جو نظريو شموليت ۽ پائيدار ترقي تي ٻڌل آهي. صدر زرداري چيو: “پاڪستان هميشه پنهنجي پاليسين جي مرڪز ۾ عوام کي رکندو آهي.” هن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (BISP) کي پاڪستان جي سماجي ترقيءَ جي وڏي ڪاميابي قرار ڏنو، جيڪو 90 لک خاندانن کي مالي مدد، صحت ۽ تعليم ذريعي بااختيار بڻائي چڪو آهي. هي پروگرام عالمي سطح تي بهترين سماجي تحفظ واري ماڊل طور سڃاتو وڃي ٿو. صدر زرداري وڌيڪ چيو ته پاڪستان پائيدار ترقي جي هدفن (SDGs) لاءِ پرعزم آهي، ۽ ايندڙ پنجن سالن ۾ خواندگي جي شرح 90 سيڪڙو تائين وڌائڻ ۽ هر ٻار کي اسڪول موڪلڻ جو عهد ڪيو. هن قومي يوٿ انٽرن شپ پروگرام ۽ گرين هائوسنگ منصوبن جو ذڪر ڪيو، جيڪي نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ۽ قدرتي حلن (جهڙوڪ مئنگرووز جي ٻيهر پوک) ذريعي موسمي مزاحمت وڌائڻ لاءِ شروع ڪيا ويا آهن. صدر زرداري چيو ته دوحا اعلان کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ دنيا کي عزت، برابري ۽ يڪجهتي جي ٽن اصولن تي متحد ٿيڻ گهرجي. هن عالمي مالي سڌارن، قرض ۾ رعايت، منصفاڻن ٽيڪسن ۽ سماجي تحفظ جي توسيع تي زور ڏنو. هن فلسطين ۾ نسل ڪشي، نسلي امتيازن ۽ قحط جي مذمت ڪندي منصفاڻو ۽ پائيدار امن جو مطالبو ڪيو. صدر زرداري چيو ته پاڪستان ڪشمير جي عوام جي جدوجهد ۾ مڪمل حمايت جاري رکندو، ۽ ٻنهي جدوجهدن کي انصاف ۽ خود اراديت لاءِ هڪ جهڙو مقصد قرار ڏنو. “ترقي ماڻهن جي بهتري سان شروع ٿي ۽ ختم ٿيڻ گهرجي. اسان کي سڀني فرقن کان مٿي ٿي ڪري انسانيت، همدردي ۽ ترقيءَ جي رستي تي هلڻو آهي،” پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پڻ اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل جو ڌيان هندستان جي پاڻيءَ کي هٿيار بڻائڻ ڏانهن ڇڪايو، ۽ چيو ته هندستان هڪ طرفي ۽ غيرقانوني طور تي پاڻي ورهائڻ جو معاهدو معطل ڪيو آهي ۽ پاڪستان لاءِ درياهن جي ڊيٽا ڏيڻ بند ڪري ڇڏي آهي، جنهن سان انساني آفتون پيدا ٿي رهيون آهن. صدر زرداري اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل سان ملاقات ۾ ملٽي ليٽرل ازم (ڪثيرالجهي نظام) ۽ امن، برابري ۽ گڏيل خوشحالي ۾ گڏيل قومن جي مرڪزي ڪردار تي زور ڏنو. هن ڪشمير سميت سڀني ڊگهي عرصي کان حل طلب تڪرارن کي اقوام متحده جي قراردادن موجب حل ڪرڻ تي زور ڏنو، ۽ هندستان جي غيرقانوني قدمن جي واپسي جو مطالبو ڪيو. صدر زرداري فلسطين بابت پاڪستان جي اصولي موقف کي ٻيهر ورجايو، چيو ته فلسطيني قوم جي خوداراديت جي حق کي تسليم ڪندي 1967ع کان اڳ واري سرحدن تي خودمختيار رياست، القدس شريف گاديءَ واري شهر سان گڏ، قائم ڪرڻ ضروري آهي. صدر زرداري اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل جي قيادت ۽ پاڪستان لاءِ حمايت تي به شڪريو ادا ڪيو. هن ڪشمير مسئلي کي اقوام متحده سلامتي ڪائونسل جي سڀ کان پراڻن اڻحل ٿيل معاملن مان هڪ قرار ڏنو، ۽ چيو ته اقوام متحده جي قراردادن تي عملدرآمد ذريعي ئي منصفاڻو ۽ پائيدار حل ممڪن آهي. صدر زرداري گڏيل قومن جي امن مشن ۾ پاڪستان جي ڊگهي عرصي واري خدمتن جو به ذڪر ڪيو، ۽ چيو ته پاڪستاني امن فوجي دنيا جي ڪيترن ئي تڪراري علائقن ۾ شاندار خدمتون سرانجام ڏئي چڪا آهن. اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل پاڪستان جي امن لاءِ ڪوششن کي ساراهيو ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستان سان همدردي ۽ حمايت جو اظهار ڪيو.
عراق ۽ تاجڪستان سان ملاقاتون
صدر زرداري پنهنجي عراقي هم منصب ڊاڪٽر عبداللطيف جمال راشد سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي ٻه طرفن لاڳاپن ۽ اقتصادي تعاون تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ٻنهي اڳواڻن واپار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ، ڪاروباري لاڳاپا مضبوط ڪرڻ، ۽ ويزا پاليسي کي آسان بڻائڻ تي زور ڏنو.صدر زرداري عراق پاران پاڪستاني زائرين کي سهولت ڏيڻ تي شڪريو ادا ڪيو، ۽ چيو ته عراق ۾ پاڪستاني برادري ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سٺن لاڳاپن جو پُل آهي. عراقي صدر زرداري کي عراق جي دوري جي دعوت ڏني، جيڪا هن قبول ڪندي چيو ته هو عراقي چونڊن کان پوءِ جلد دورو ڪندو. تاجڪستان بابت ڳالهائيندي صدر زرداري چيو ته پاڪستان تجارتي، توانائي، دفاعي ۽ عوامي سطح تي تعاون وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته 2024ع ۾ ٿيل اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ معاهدو ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ نئين کوٽائي آندي آهي. صدر زرداري CASA-1000 توانائي منصوبي کي گڏيل خوشحاليءَ لاءِ علامتي منصوبو قرار ڏنو ۽ تاجڪستان کي واپار ۽ رابطن جي نون موقعن جي ڳولا لاءِ پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏني، جنهن ۾ سڌي پروازن جي بحالي جو امڪان به شامل آهي. هن آگسٽ 2025ع ۾ ٿيل “دوستي-II” گڏيل فوجي مشق جي ڪاميابي تي به تاجڪستان کي مبارڪ ڏني ۽ دفاعي تربيت ۽ صلاحيت وڌائڻ ۾ مدد جاري رکڻ جو واعدو ڪيو. تاجڪ صدر زرداري کي پنهنجي ملڪ جي دوري جي دعوت ڏني، جيڪا هن قبول ڪئي. ٻنهي اڳواڻن علائقائي ۽ عالمي معاملن تي مشترڪ موقف ۽ هم آهنگي جو به اظهار ڪيو.










