پاڻي ڏيڻ ۾ دير ڇو ٿي، مالڪ ۽ بيرن کي گراهڪن جو ڪٽڪو5 زخمي 4 گرفتار

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ غالب بلوچ) مزدورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پاڻي دير سان ملڻ ڪري سبزوئي برادري جي ماڻهن ڏنڊا هڻي هوٽل جي مزدورن کي زخمي ڪري وڌو. سٽي پارڪ ويجهو ھوٽل الحمدالله تي سبزوئي برادري جي ڏنڊا بردار ماڻهن پاران چڙهائي ڪري هوٽل مالڪ ۽ ملازمن مٿان لٺين سان حملوڪيوويو،  لٺيون لڳڻ سبب پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا. واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس پهچي چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو. زخمين ۾ غلام شبير، عبدالطيف اوڳاهي ء ٻيا شامل آهن. زخمي کي طبعي علاج لاء اسپتال نيو ويو.جڏھن ته جھيڙي جوڪارڻ ھوٽل جي بيري پاران پاڻي ديرسان ڏيڻ ٻڌايو پيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو