دڙو (ن سنڌيار) دڙو ڀرسان قديم درگاھ حضرت شاھ نصر بادشاھ رح جي قبرستان سميت ڀرپاسي جي ڪيترن ئي ڳوٺن مان اڃا تائين برساتي پاڻي نيڪال نہ ٿيو/ ڳوٺاڻن جو احتجاج، دڙو لڳ يونين ڪائونسل کيرال جي ديھ واليشاھ جي ڳوٺ گل محمد مناهجو، ڳوٺ بابو مناهجو ۽ ٻين ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال ٿي نہ سگهيو، 20 کان وڌيڪ ڳوٺن جي چوطرف برساتي پاڻي تلائن جي شڪل ۾ بيٺل، 10 کان مٿي گهر ڊهي پٽ ٿيل آھن، پر ڪافي ڏينھن گذرڻ باوجود انتظاميا جي ڪنھن بہ ماڻھو متاثر ڳوٺاڻن جي سار نہ لڌي آھي، جڏھن تہ سوين ايڪڙن تي پوکيل ساريالو فصل پاڻي هيٺ اچي ويو، انتظاميا پاران پاڻي جي نيڪال لاءِ ڪي بہ اپاءَ نہ ورتا آھن. درگاھ شاھ نصر بادشاھ جو قبرستان مڪمل طور تي پاڻي جي هيٺ اچي ويو، ڪيتريون ئي قبرون مسمار ٿي ويون آھن. درگاھ شاھ نصر بادشاھ جي چوطرف پاڻي بيهڻ ڪري ڪيترن ئي ڳوٺن جو دڙو سميت ٻين شھرن سان اڃا تائين زميني رابطو ڪٽيل آھي، متاثر ڳوٺاڻن عارب مناھجو، ربڏنو، گلو شيخ، محمد علي شيخ، محمد موسي سولنگي ۽ ٻين جو پاڻي نيڪال نہ ٿيڻ خلاف احتجاج، انتظاميا کان هنگامي بنيادن تي پاڻي نيڪال ڪرڻ جو مطالبو.










