’پاڻي جي ورڇ وارن معاهدن تي نظر ثاني جي ضرورت آهي‘

’پاڻي جي ورڇ وارن معاهدن تي نظر ثاني جي ضرورت آهي‘

حيدرآباد( خصوصي رپورٽ) پاڻي جا وهڪرا گهٽجڻ سبب پاڪستان ۾ نوان ڊيم ۽ ڪينال نه ٺهڻ گهرجن، پاڙيسري ملڪن سان پاڪستان کي فوري طور واٽر ڊپلوميسي شروع ڪرڻ گهرجي ۽ پاڪستان جي صوبن ۾ پاڻي جي شفاف ۽ منصفاڻي ورڇ لاءِ معاهدن تي نطر ثاني جي فوري ۽ سخت ضرورت آهي. اهڙو اظهار پاڻي جي ماهرن اياز ميلي ۾’انڊس واٽر ٽريٽي‘ جي عنوان سان منعقد ڪيل سيشن ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اياز ميلو جي پڄاڻي ته راڳ رنگ جي محفل سان ٿي پر ٽن ڏينهن واري هن ميلي جو آخري سيشن پاڻي جي معاملن بابت هو. جنهن کي ماڊريٽ جنيد انصاري ڪيو، آبپاشي جو وزير ڄام خان شورو شرڪت نه ڪري سگهيو پر نصير ميمڻ ۽ ارسا ۾ سنڌ جي مميبر احسان لغاري شريڪ ٿيا.
جنيد انصاري چيوته سنڌ جي معيشت جو وڏو انحصار زراعت تي آهي، ڇو ته صنعتون محدود پيماني تي آهن، سنڌ جي زراعت جو دارومدار پاڻي تي آهي ۽ ماضي ۾ ڪيترن سالن کان سنڌ پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيندي رهي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته 1960 ۾ ٿيل انڊس واٽر ٽريٽي کان اڳ پاڻي جي معاملي تي جيڪي به فيصلا ٿيندا رهيا ان ۾ سنڌ جي نمائندگي يا مشاورت شامل نه هئي پر رائو ڪميشن سميت جيڪي به ڪميشن جڙيون انهن ۾ پڇڙي تي سنڌ هئڻ ڪري اهو ضرور چيو ويندو هو ته پنجاب ۾ آبپاشي جي ڪنهن به رٿا بابت سنڌ کان ضرور پڇو وڃي. هن نصير ميمڻ کان پڇو ته انڊس واٽر ٽريٽي يا ان کان اڳ ڪيل فيصلن ۾ ڇا سنڌ کي اسٽيڪ هولڊر سمجهو ويندو هو ته نصير ميمڻ چيو ته سنڌ اسٽيڪ هولڊرته رهي آهي پر سنڌ کي مشاورت ۾ شامل نه ڪيو ويندو هو.
هن وڌيڪ چيو ته چيو ته اندس واٽر ٽريٽي وقت به پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ٿيل ڳالهين ۾ سنڌ جو ڪو نمائندو موجود نه هو. هن چيو ته 1960 جي ان معاهدي ۾ جيڪي 3 درياهه ڀارت کي ڏنا ويا هئا، بياس ستلج ۽ راوي انهن ۾ معاهدي کان 10 سال اڳ واري ديٽا موجب پاڪستان کي 33 ملين ايڪڙ فٽ (ايم اي ايف) پاڻي ملندو هو، جنهن مان 11 ايم اي ايف سنڌ کي ملندو هو، جيڪو ختم ٿي ويو ۽ ان جو ازالو نه ٿي سگهيو آهي.
نصير ميمڻ چيو ته پاڪستان ٺهڻ کان اڳي يا بعد ۾ پاڻي جي معاملن ۾ هڪ مخصوص سوچ رکندڙ ماڻهو صرف پنجاب جي فائدي وارو موقف رکندا رهيا، سنڌ جي مفاد جي ڪڏهن به ڳالهه نه ٿي، ان لابي لاءِ پاڪستان ئي پنجاب آهي. اهڙي مائنڊ سيٽ جي سوچ وارن جي روين جي ڪري صوبن ۾ تضاد پيدا ٿيا. ماضي جي پاڻي بابت سمورن فيصلن سبب سنڌ ڀوڳيندي رهي آهي ۽ هاڻي به ڀوڳي پئي.
جنيد انصاري، احسان لغاري کان پڇو ته اسانجو خطو هن وقت موسمياتي تبديلين جو شڪار رهيو آهي. 1960 ۾ ٿيل معاهدي بعد نه هاڻي اوترو پاڻي جو مقدار رهيو آهي، نه ئي ساڳيون موسمياتي صورتحال آهي. هن چيو ته پاڪستان کي ڀارت، چين ۽ افعانستان سان ڳالهائڻو پوندو ۽ اثرائتي ’واٽر دپلوميسي‘ ڪرن پوندي. ڇو ته افغانستان مان جيڪو پاڻي سنڌو درياهه ۾ ايندو هو اهو سنڌ م خريف جي آڳاٽن فصلن لاءِ اهم هوندو هو پر هاڻي انهن جا وهڪرا به گهٽجي رهيا آهن ڇو ته افغانستان ڀارت جي مدد سان انهن تي ڊيم پيو ٺاهي.
احسان لغاري وڌيڪ چيو ته ٻئي پاسي اسانکي 1990 واري پاڻي جي ٺاهه تي به نظر ثاني ڪرڻي پوندي، ڇو ته ان ۾ رڳو مٿاڇري تي موجود پاڻي جو ذڪر ۽ ورڇ ٿيل آهي پر جر جي پاڻي جو نه ذڪر آهي ۽ نه ئي ان جي ورڇ ٿيل آهي. ان ڪري ان معاملي بابت به فيصلو ٿين گهرجي.
هن چيو ته ٽيون اهم معاملو بين الصوبائي پاڻي جي شفاف ۽ منصفاڻي ورڇ يقيني بڻائڻي آهي. ان سان گڏوگڏ سنڌ حڪومت کي صوبي جي سڀني حصن ۾ منصفاڻي ورڇ ڪرڻي آهي. سنڌ ۾ ڪيترائي وڏا زميندار ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي ڇڏڻ جي حق ۾نه آهن، ڇو ته هنن کي پنهنجا فصل ۽ باغ پيارا آهن. هن چيو ته ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي ڇڏڻ کي يقيني بڻائڻو پوندو.
احسان لغاري چيو ته مان سمهجان ٿو ته انهن سڀني معاملن کان وڌيڪ اهم معاملو هي به آهي ته اندس واٽر ٽريٽي ۾ ڊرين واٽر جو ذڪر ناهي، جنهن سبب ڀارت پنهنجي فيڪٽرين جو فضلو جن م ڪيميڪل به شامل آهن، اهو درياهن ۾ موڪلي ٿو جنهن سان راوي ۽ ستلج وارن علائقن ۾ پنجاب جو جر خراب ٿئي پيو.
جنهن تي جنيد انصاري سندس ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي چيو ته هڪ پاسي اهو مسئلو آهي ۽ ٻئي پاسي پنجاب پنهنجو زهريلو پاڻي سنڌ ڏانهن ڊرين ٿو ڪري جنهن سبب سنڌ عذاب پئي ڀوڳي.
نصير ميمڻ ايران ۾ پاڻي جي بدترين بحران جو ذڪر ڪندي چيو ته پرشين ۽ ميسيپوٽيما جي تهذيبن کي جنم ڏيندڙ دجلا Tigris ۽ فرات Euphrates نديون هينئر سڪي ويون آهن ۽ نالين وانگر وهن ٿيون، جنهن جو وڏو سبب ترڪي پاران 22 ڊيم ٺاهڻ آهن، جنهن سبب شام، عراق ۽ ايران جي عظيم تهذيبن کي خطرو آهي ۽ اهي ملڪ ترڪي کان بلڪل ايئن ئي شڪايت ڪن ٿا جيئن پاڪستان ڀارت کان ڪري ٿو. اسانجي انڊس جي تهذيب جو باني سنڌو درياهه آهي ۽ هاڻي سال ۾ اڌ مهينن دوران سنڌو به هڪ نالي جيان وهي ٿو. جيڪڏهن اڃا وڌيڪ ڊيم ۽ ڪارپوريٽ ڪينال پاڪستان ۾ ٺهيا ته سنڌ ۾ پيئڻ جو پاڻي به نه بچندو.

آخر۾ موسيقي جي شاندار محفل سجائي وئي، جنهن جي ميزباني بخشڻ مهراڻوي ڪئي. موسيقي جي محفل ۾ سيف سميجو، راشد حيدري، شڪيلا نون، عاشق نظاماڻي، آغا ثناءُ الله، مائي صاحبان مڱڻهار، ڀورو ڀڳت گروپ ۽ مارل گروپ فن جو ڀرپور مظاهر ڪري داد وصول ڪيو ۽ سڄي پنڊال کي جهومائي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو