راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته پاڪ – چين لاڳاپا منفرد نوعيت جا آهن، جيڪي هر آزمائش جي گهڙي ۾ پورا لٿا آهن.آءِ ايس پي آر موجب چين جي پيپلز لبريشن آرمي جي 96هين سالگرهه جي سلسلي ۾ جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ تقريب ٿي. آرمي چيف جنرل عاصم منير تقريب جو خاص مهمان هو، جڏهن ته تقريب ۾ چين جي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر مسز پينگ چنڪ زو، دفاعي اتاشي ميجر جنرل وانگ زونگ، چيني سفارتخاني جي اختيارين ۽ پاڪستان جي ٽنهي هٿياربند فوجن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي آرمي چيف عاصم منير چين جي دفاع، سلامتي ۽ قوم جي تعمير ۾ پي ايل اي جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته پاڪ – چين لاڳاپا منفرد نوعيت جا آهن ۽ اسان هر امتحان جي گهڙي ۾ ڪامياب ٿيا آهيون. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا منفرد ۽ مضبوط آهن، پي ايل اي ۽ پاڪ فوج ڀائرن وانگر آهن، ٻنهي فوجن جا لاڳاپا ۽ سهڪار اڃا وڌندو.










