نوشھرو فيروز (رپورٽ منظور ملڪ)دريا خان مري جسقم يونٽ دريا خان مري جي صدر حاجي ميھر الدين خاصخيلي پنھنجي ساٿين جسقم جي ميمبرن شاھنواز سولنگي اياز مري ۽ سائين بخش مري سميت جسقم تنظيم کي ھميشه لاء الوداع چئي پاڪستان جي قومي ڌارا ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ پاڪستان زنده آباد جا نعرا ھنيا ان موقعي تي صحافين سان ڳالھائيندي حاجي ميھرالدين خاصخيلي چيو ته اسان غلط صحبت۽ غلط رستي تي ھياسين ھنن وڌيڪ چيو ته قومي تحريڪ جسقم سان ھاڻي منھنجو ڪو به واسطو ناھي اسان جو مرڻ جيئن اسان جي پنھنجي ملڪ پاڪستان سان آھي.هنن ان موقعي تي پاڪستان زنده آباد پاڪ فوج زنده آباد جا نعرا به هنيا.










