راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)اتر وزيرستان ۾ پاڪ فوج پاران ڪرايل چيمپيئنز ٽرافي جو مقابلو پڄاڻي تي پهتو آهي.اختتامي تقريب ۾ فوجي، سول انتظاميا، بزرگن، نوجوانن ۽ ٻارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.چيمپئنز ٽرافي ۾ شاگردن فٽبال، والي بال، تقريري مقابلن، ڊرائنگ ۽ اسڪيچنگ جي مقابلن ۾ حصو ورتو.ان سلسلي ۾ ماڻهن جو چوڻ آهي ته اهڙا واقعا نوجوان نسل جي مثبت ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.










