اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان جي فوج اسان جي ريڊ لائن آهي. سوشل ميڊيا سائيٽ ‘ايڪس’ تي جاري ڪيل هڪ وڊيو بيان ۾ بلاول ڀٽو چيو ته ڪشمير جي سرحد تي بيٺل اسان جو سپاهي پنهنجي جان خطري ۾ وجهي پاڪستان جي حفاظت ڪري ٿو، مان پهرين به چئي چڪو آهيان ته پاڪستان جي فوج اسان جي ريڊ لائن آهي.پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته اسان جا سپاهي ڪنهن به سياسي بحث جو نشانو نه بڻجڻ گهرجن، اهي قوم جو فخر آهن، اسان جي شهيد فوجين ۽ پوليس جي جوانن جي قربانين کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي. بلاول ڀٽو چيو ته هر قرباني جو احترام ۽ شهيدن جي وارثن کي انصاف ملندو، جيڪي پنهنجو اڄ اسان جي سڀاڻي لاءِ قربان ڪري رهيا آهن، انهن جي عزت اسان جي ذميواري آهي. ان کان اڳ بلاول ڀٽو هڪ وڊيو بيان ۾ مطالبو ڪيو هو ته اليڪشن ڪميشن 2 آگسٽ کان اڳ ڌانڌليءَ بابت سمورين شڪايتن جي کليءَ عدالت ۾ ٻڌڻي ڪري، اليڪشن ڪميشن پولنگ اسٽيشنن جا نتيجا ۽ انتخابي رڪارڊ عوام جي سامهون رکي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جي ذميواري ڪنهن هڪ سياسي پارٽي کي کٽرائڻ ناهي، اليڪشن ڪميشن جي ذميواري ڪشمير جي عوام جي ووٽ جو تحفظ ڪرڻ آهي، اسان کي ڪنهن جو احسان نه پر اسان کي اسان جو حق کپي. بلاول ڀٽو چيو ته آزاد ڪشمير اليڪشن جي ٻئي مرحلي جي چونڊن جي ساک جو فيصلو پهرين مرحلي ۾ انصاف جي فراهمي سان ٿيندو، اسان کي صرف صاف، شفاف ۽ غيرجانبدارانه چونڊون گهرجن.










