اسلام آباد (بيورو رپورٽ) فاقي اطلاعات واري وزير عطا الله تارڙ چيو آهي ته پاڪ افغان سرحدي علائقن ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي محدود نوعيت جون ڪارروايون ڪيون ويون، جن ۾ فتنه الخوارج جا 26 دهشتگرد مارجي ويا.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس (X) تي جاري ڪيل بيان ۾ عطا تارڙ ٻڌايو ته پاڪستان ۾ 9 جون تي موسيٰ درهه ۾ فيڊرل ڪانسٽيبلري جي چوڪيءَ تي دهشتگردن جو حملو ٿيو، جڏهن ته ان کان اڳ 2 جون تي اتر وزيرستان ۾ هڪ فوجي چوڪيءَ تي گاڏيءَ ۾ لڳل خودڪش بم حملو ڪيو ويو ۽ 9 مئي تي بنو جي هڪ پوليس اسٽيشن تي خودڪش حملو ڪيو ويو هو.
اطلاعات واري وزير موجب، پاڪ افغان سرحدي علائقن ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي محدود نوعيت جون ڪارروايون ڪيون ويون، جن ۾ فتنه الخوارج جا 26 دهشتگرد مارجي ويا.
هن وڌيڪ چيو ته انٽيليجنس اڳواٽ اطلاعن تي دهشتگردن جي ڪيمپن ۽ محفوظ ٺڪاڻن کي انتهائي درستگي ۽ احتياط سان نشانو بڻايو ويو، هن ڪارروائيءَ دوران 4 اهم هدف مڪمل طور تي تباهه ڪيا ويا.
وفاقي اطلاعات واري وزير وڌيڪ ٻڌايو ته تباهه ڪيل هدفن ۾ هڪ تربيتي مرڪز (ٽريننگ سينٽر)، هڪ ڳجهو ٺڪاڻو ۽ اسلحو جو ذخيرو شامل هئا، هن ڪارروائيءَ دوران خارجي ڪمانڊر عليم خان خوشحالي ۽ ڪمانڊر اختر محمد جاني خيل جي مرڪزن کي نشانو بڻايو ويو.
عطا تارڙ جو چوڻ هو ته سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي دهشتگردي جي خاتمي واري مهم پوري قوت سان جاري رهندي، پاڪستان هميشه خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ ڪوشان رهيو آهي ۽ پنهنجي شهرين جي جان و مال جو تحفظ ۽ قومي سلامتي اسان جي پهرين ترجيح آهي، ملڪ مان ٻاهرين سرپرستيءَ ۾ هلندڙ دهشتگردي جي ناسور جو مڪمل خاتمو يقيني بڻايو ويندو










