راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي 333 رنسن جي جواب ۾ ڏکڻ آفريڪا طرفان اننگز جي شروعات ايڊن مرڪرم ۽ ريان ريڪلٽن ڪئي، پر 22 جي گڏيل اسڪو ر تي ريڪلٽن 14 رنسون ٺاهي شاهين آفريدي جي بال تي وڪيٽن جي پويان ڪيچ ٿي ويو. ڏکڻ آفريڪا جو ٻيو آئوٽ ٿيندڙ رانديگر ايڊن مرڪرم هو، جيڪو 32 رنسون ٺاهي ساجد خان جي بال تي سعود شڪيل هٿان ڪيچ آئوٽ ٿيو. ٻئيڏينهن جي راند ختم ٿيڻ کان ٿورو اڳ آصف آفريدي ٽوني ڊي زورزي کي 55 ۽ بريويس کي بنا ڪنهن رن جي آئوٽ ڪري ڇڏيو. ڇڏيو. ٻئي ڏينهن جي راند جي پڄاڻي تي ڏکڻ آفريڪا 4 وڪيٽن جي نقصان تي 185 رنسون ٺاهي چڪو هو. ٽرسٽن اسٽبس 68 ۽ ڪائل ويئرني 10 رنسن سان ناٽ آئوٽ آهن. ڏکڻ آفريڪا کي پهرين اننگز ۾ پاڪستان جوي ليڊ ختم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 148 رنسن جي ضرورت آهي. ٻئي ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن پاڪستان جي پوري ٽيم ڏکڻ آفريڪا خلاف پهرين اننگز ۾ 333 رنس ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. جنهن بعد ڏکڻ آفريڪا جي بيٽنگ شروع ڪئي. اڱاري تي پاڪستان پنهنجي نامڪمل اننگز جي ٻئي ڏينهن 259 رنسن تي 5 رانديگر آئوٽ سان ٻيهر شروع ڪئي ته سعود شڪيل 42 ۽ آغا سلمان 10 رنسن سان ڪريز تي موجود هئا. ٻنهيرانديگرن ٽيم جو اسڪور اڳتي وڌايو، سعود شڪيل پنهنجي ففٽي مڪمل ڪئي، جڏهنته سلمان آغا 45 رنس ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، ۽ سعود شڪيل به 66 رنسن تي پويلين موٽي ويو. شاهين آفريدي، ساجد خان ۽ آصف آفريدي ڪا خاص ڪارڪردگي نه ڏيکاري ۽ ٽنهي کي ڪيشو مهاراج پنهنجي بالنگ سان شڪار بڻايو، جڏهنته نعمان علي 6 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو. ڏکڻ آفريڪا جي طرفان ڪيشو مهاراج شاندار بالنگ ڪندي 7 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو، جڏهنته سائمن هارمر کي 2 ۽ ربادا کي هڪ وڪيٽ ملي. پهري ڏينهن پاڪستان ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو هو. پاڪستان جي طرفان ڪپتان شان مسعود 87 ۽ عبدالله شفيق 57 رنس ٺاهي آئوٽ ٿيا هئا. ياد رهي ته ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ پاڪستان کي 1–0 جي برتري حاصل آهي. پاڪستان لاهور ۾ کيڏيل پهرين ٽيسٽ ۾ ڏکڻ آفريڪا کي 93 رنسن تان شڪست ڏني هئي.










