پاڪستان ۾ ڊپٿيريا سبب ٻارن جي فوتگي، ڊبليو ايڇ او جو دوا فراهم ڪرڻ جو فيصلو

پاڪستان ۾ ڊپٿيريا سبب ٻارن جي فوتگي، ڊبليو ايڇ او جو دوا فراهم ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان ۾ ڊفٿيريا سبب ٻارن جي فوتگين سبب صحت جي عالمي اداري ۽ يونيسيف پاڪستان کي ڊفٿيريا جي دوا فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.يونيسيف جي عملدارن جو چوڻ آهي ته ڊفٿيريا ۾ مبتلا ٻارن کي سخت بيمار ٻارن لاءِ اينٽي ڊفيريا سيرم فراهم ڪرڻ جا انتظام ڪيا پيا وڃن. ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن پڻ پاڪستان ۾ اينٽي ڊفيريا سيرم فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.صحت واري وفاقي وزارت جي عملدارن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ هن وقت تائين 39 ٻارڙا ڊفيريا سبب فوت ٿي چڪا آهن.ان سلسلي ۾ ٻارن جي بيمارين جي ماهرن جو چوڻ آهي ته پنٽا ويلنٽ ويڪسين نه ملڻ سبب ٻارن ۾ ڊفيريا پکڙجي رهيو آهي.هن چيو ته ڊفٿيريا ۾ مبتلا ٻارڙا اينٽي ڊفيريا سيرم نه ملڻ سبب فوت ٿي رهيا آهن. آفيسرن جو چوڻ آهي ته دنيا مان ڊفٿيريا جي خاتمي لاءِ هي سيرم دنيا ۾ تمام گهٽ ٺاهيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو