پاڪستان ۾ پوليو جا وڌيڪ ڪيس ظاهر، انگ 27 ٿي ويو

پاڪستان ۾ پوليو جا وڌيڪ ڪيس ظاهر، انگ 27 ٿي ويو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر (NEOC) سنڌ جي حيدرآباد ضلعي مان هڪ نئين پوليو ڪيس جي تصديق ڪئي آهي، جنهن سان هن سال پاڪستان ۾ پوليو ڪيسن جو ڪل تعداد 27 ٿي ويو آهي. نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر موجب، 2025 ۾ سنڌ ۾ هاڻي تائين 7 پوليو ڪيسن جي تصديق ٿي چڪي آهي. پوليو هڪ لاعلاج بيماري آهي جيڪا زندگي بھر جي معذوري جو سبب بڻجي ٿي.نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر والدين کي اپيل ڪئي آهي ته اهي هر مهم ۾ پنهنجن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارين. ايندڙ ملڪ گير پوليو مهم 13 کان 19 آڪٽوبر تائين منعقد ڪئي ويندي، جنهن ۾ 400,000 کان وڌيڪ پوليو ورڪر ملڪ جي گهر گهر وڃي ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا قطرا پياريندا.نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر موجب، پوليو مهم جي ڪاميابي لاءِ والدين، برادري، استادن، عالمن ۽ ميڊيا جو ڪردار تمام ضروري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو