واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪا پاڪستان ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻن جي گرفتاري تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر پريس بريفنگ دوران چيو ته اسان پي ٽي آءِ اڳواڻن جي گرفتاري جون رپورٽون ڏٺيون آهن،هن چيو ته هو قانون جي حڪمراني سميت آئيني ۽ جمهوري اصولن جي پرامن برقرار رکڻ جي حمايت ڪن ٿا.ميٿيو ملر چيو ته انساني حقن جهڙوڪ برابري جو انصاف، اظهار جي آزادي، پرامن اسيمبلي جي آزادي جو قانون تحت احترام ڪيو وڃي.










