واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (ڊبليو ايڇ او) ٻڌايو آهي ته پاڪستان ۽ ملاوي ۾ سخت موسمي اثرن جي ڪري مليريا جي موت ۾ تيزي سان اضافو ٿيو آهي. ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي سربراهه پيٽر سينڊز موجب گذريل سال جي ٻوڏ کانپوءِ پاڪستان ۾ مليريا متاثرن جو انگ 4 ڀيرا وڌي 16 لک ٿي ويو آهي.پيٽر سينڊز موجب ملاوي ۾ طوفاني برساتن سبب مليريا جي ڪيسن ۾ اضافو ٿيو آهي.پيٽر سينڊز جو چوڻ آهي ته مليريا جي بگڙيل صورتحال کي ختم ڪرڻ لاءِ اڃا ڪم جي ضرورت آهي، پاڪستان ۽ ملاوي ۾ برساتن کانپوءِ تلاءُ ٺهڻ سان مليريا جي مڇرن لاءِ مثالي نسل پيدا ٿي رهي آهي. سڀاڻي 25 اپريل تي سڄي دنيا ۾ مليريا جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو.










