پاڪستان ۾ تيز برساتن جو خطرو آهي: شيري رحمان

پاڪستان ۾ تيز برساتن جو خطرو آهي: شيري رحمان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته پاڪستان انهن 20 ملڪن ۾ شامل آهي جن کي تيز برساتن جو خطرو آهي.شيري رحمان چيو آهي ته پاڪستان گلوبل انفارميشن اينڊ ارلي وارننگ سسٽم جي رپورٽ ۾ شامل آهي، پاڪستان انهن 20 ملڪن ۾ شامل آهي جتي معمول کان وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.وفاقي وزير چيو ته اسان گذريل سال جي برساتن ۽ ٻوڏ جي تباهي کانپوءِ بحالي واري مرحلي ۾ آهيون، سخت ماحولياتي واقعن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار رهڻو پوندو، موسميات کاتي ۽ اين ڊي ايم اي 5 مئي تائين جاري برساتن تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي.شيري رحمان چيو ته تيار فصل، تازو پوکيل فصل ۽ پوکيل فصلن کي نقصان پهچي سگهي ٿو، حڪومت لاڳاپيل ادارن ۽ عوام ۽ هارين کي هوشيار رهڻ جي هدايت ڪئي آهي.هن چيو ته هن سال جون ۾ ايل نينو سامونڊي رجحان جي واپسي جي اڳڪٿي اسان جي مقامي اڳڪٿين جي برابر آهي، ايل نينو سامونڊي رجحان جي واپسي سڄي دنيا ۾ سخت ماحولياتي واقعن جو سبب بڻجي سگهي ٿي.وفاقي وزير اهو به چيو ته 2 سالن ۾ ايل نينو سامونڊي رجحان جي ٽين واپسي پريشاني جو سبب آهي، ان سان گڏ برساتن، ٻوڏن، خشڪي ۽ غذائي کوٽ جي خطرن جو به خدشو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو