پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ ورلڊ ڪپ ۾ ڪواليفائي ڪرڻ جا مضبوط اميدوار

پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ ورلڊ ڪپ ۾ ڪواليفائي ڪرڻ جا مضبوط اميدوار

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2023 لاءِ سڌي ريت ڪواليفائي ڪرڻ جا موقعا مضبوط ڪري ڇڏيا آهن. پاڪستان سپر ليگ ۾ هالينڊ ۽ نيوزيلينڊ ويسٽ انڊيز خلاف سيريز کٽي ورتي. پاڪستان ۽ بنگلاديش جا پوائنٽس برابر آهن، پوائنٽس ٽيبل تي بنگلاديش ٻئي ۽ پاڪستان ٽئين نمبر تي آهي. انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) موجب نيٽ رن ريٽ ۾ پاڪستان ٽئين نمبر تي آهي، پوائنٽس ٽيبل تي انگلينڊ 125 پوائنٽس سان پهرين جڏهن ته بنگلاديش ۽ پاڪستان جي بالترتيب 120 ۽ 120 پوائنٽس آهن. پوائنٽس ٽيبل تي نيوزيلينڊ چوٿين ۽ افغانستان پنجين نمبر تي آهي، جڏهن ته ڇهين نمبر تي موجود ڀارتي ٽيم ميزبان طور ڪواليفائي ڪري ورتي آهي. آءِ سي سي جو چوڻ آهي ته پوائنٽس ٽيبل تي ويسٽ انڊيز ستين ۽ آسٽريليا اٺين نمبر تي آهي، ويسٽ انڊيز جي ٽيم سپر ليگ جا سمورا 24 ميچ کيڏي چڪي آهي. ويسٽ انڊيز جي ٽيم کي سڌو سنئون ڪواليفائي ڪرڻ لاءِ ٻين ٽيمن جي نتيجن تي انحصار ڪرڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو