اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان جو آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا 16 آگسٽ تي سعودي عرب جو دورو ڪندو. فوجي ترجمان جو چوڻ آهي ته سندس دورو پهريان کان طئي ٿيل هو. عالمي خابرو ادارن جو چوڻ آهي ته آرمي چيف ڪشمير معاملي تي مدد نه ڪرڻ بابت پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي بيان بعد پيدا ٿيل صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪندو ۽ سعودي قيادت کي ٿڌو ڪندو. شاهه محمود قريشي ڪجهه ڏينهن اڳ نالو کڻڻ کانسواءِ چيو هو ته دوست عرب ملڪ ڪشمير تي خاموش آهن ۽ پاڪستان جي مدد نٿا ڪن ۽ اسلامي ملڪن جي تنظيم جي پرڏيهيوزيرن جي ڪميٽي جواجلاس گهرايو وڃي. هن اهو به چيو هو ته جيڪڏهن عرب ملڪ (سعودي عرب) اجلاس نه گهرايو ته ٻين هم خيال اسلامي ملڪن سان گڏجي پاڪستان ان ڏس ۾ اڳتي وڌندو. جن ۾ ايران، ترڪي ۽ ملائيشيا شامل آهن. اهڙي بيان بعد سعودي عرب ڪافي ناراض ٿيو هو ۽ 2018 ۾ پاڪستان کي ڏنل 3 ارب ڊالر جي روڪ قرض ۽ 3 ارب 20 ڪروڙ ڊالر جي اوڌر تي تيل ڏيڻ واري سهولت ختم ڪرڻ جي ڌمڪي ڏيندي پئسا واپس ڪرڻ لاءِ چيو هو. پاڪستان چين کان هڪ ارب ڊالر وٺي سعودي عرب کي واپس ڪيا هئا پر مقامي ميڊيا موجب سعودي هڪ ارب ڊالر ٻيا به ڏيڻ جو مطالبو ڪيو هو. جنهن بعد سعودي عرب پاران اسلامي ملڪن جي فوجن جي اتحاد جي ڪمانڊر راحيل شريف، جهانگير ڪرامت ۽ ٻين رٽائر سينئر فوجي آفيسرن سان آرمي چيف قمر جاويد جي مشاورتي اجلاس منعقد ٿيڻ بابت به خبرو شايع ٿيون هيون جن جي ترديد نه ڪئي وئي هئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته شاهه محمود قريشي جي مستعفي ٿيڻ جو به امڪان آهي.










