اسلام آباد (بيورو رپورٽ): پاڪستان ۽ آمريڪا انسدادِ دهشتگرديءَ جي شعبي ۾ باهمي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ خطي کي درپيش شدت پسنديءَ جي خطري سان گڏجي منهن ڏيڻ جي عزم جو اعادو ڪيو آهي.پرڏيهي دفتر جي ترجمان موجب 4 آگسٽ تي واشنگٽن ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ انسدادِ دهشتگردي مڪالمي جو چوٿون دور ٿي گذريو. پرڏيهي دفتر جي اعلامئي موجب ٻنهي ملڪن موجودهه سيڪيورٽي خطارن، باهمي سهڪار وڌائڻ جي امڪانن، سرحدي سلامتيءَ کي مضبوط بڻائڻ ۽ شدت پسندن جي مددگار نيٽ ورڪن کي ختم ڪرڻ لاءِ مختلف قدمن تي تفصيلي تبادله خيال ڪيو. ٻنهي ملڪن خطي ۾ امن ۽ خوشحاليءَ لاءِ انسدادِ دهشتگرديءَ ۾ سهڪار جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.










