پاڪستان: ڪورونا ڪيسن جو انگ 15 لک 70 هزار کان وڌي ويو

پاڪستان: ڪورونا ڪيسن جو انگ 15 لک 70 هزار کان وڌي ويو

اسلام آباد(بيورو)پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران هن وبا سبب 3 مريض فوت ٿي ويا آهن. ملڪ ڪورونا جي مريضن جي حوالي سان تيار ڪيل لسٽ ۾ 53هين نمبر تي اچي ويو آهي.گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا ڪيسن جي شرح 1.20 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.پاڪستان ۾ وڌيڪ 228 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي متاثر ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي.ڪورونا وائرس جي علاج هيٺ 114 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.پاڪستان ۾ هن وقت تائين ڪورونا وائرس جا 30 هزار 591 مريض فوت ٿي چڪا آهن.ڪورونا وائرس جي مريضن جو مجموعي انگ 15 لک 70 هزار 16 ٿي ويو آهي.ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 19 هزار 41 وڌيڪ ڪورونا وائرس جا ٽيسٽ ڪيا ويا، جڏهن ته هن وقت تائين ڪل 3 ڪروڙ 1 لک 78 هزار 771 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو