اسلام آباد(بيورو)پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران هن موذي وبا سبب ڪو به فوت نه ٿيو آهي.ملڪ ڪورونا جي مريضن جي حوالي سان تيار ڪيل لسٽ ۾ 53هين نمبر تي اچي ويو آهي.گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا ڪيسن جي شرح 0.89 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.پاڪستان ۾ وڌيڪ 139 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي.ڪورونا وائرس جي علاج هيٺ 94 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.پاڪستان ۾ هن وقت تائين ڪورونا وائرس جا 30 هزار 599 مريض فوت ٿي چڪا آهن.ڪورونا وائرس جي مريضن جو مجموعي انگ 15 لک 70 هزار 993 ٿي ويو آهي.ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 15 هزار 702 وڌيڪ ڪورونا وائرس جا ٽيسٽ ڪيا ويا، جڏهن ته هن وقت تائين ڪل 3 ڪروڙ 2 لک 70 هزار 473 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا آهن.










