اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان لاءِ 1.2 ارب ڊالر جي ايندڙ قسط جي منظوري لاءِ بين الاقوامي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس 8 مئي تي طلب ڪيو ويو آهي. آءِ ايم ايف پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته 8 مئي تي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس ۾ پاڪستان لاءِ ايڪسٽينڊڊ فنڊ سهولت (اي ايف ايف) تحت ٽئين معاشي جائزي جي منظوري جي اميد آهي.بيان موجب، اجلاس ۾ موسمياتي تبديلي تي آر ايس ايف پروگرام جي ٻئي جائزي جي به منظوري ڏني ويندي.ياد رهي ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ اسٽاف ليول جو معاهدو 27 مارچ تي ٿيو هو.










