پاڪستان کي قرض ڏيڻ وارو معاملو، بلومبرگ ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ رابطو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)عالمي ميگزين بلومبرگ پاڪستان کي قرض ڏيڻ واري معاملي تي انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) جي ترجمان سان رابطو ڪيو آهي.ان حوالي سان آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته هو پاڪستان کان پاليسي معاملن تي يقين ڏيارڻ چاهين ٿا، پاڪستان پيٽرول تي سبسڊي نه ڏيڻ جي يقين ڏياريو آهي.آءِ ايم ايف موجب پاڪستان سان قرضن واري معاملي تي ڳالهيون جاري آهن، پاڪستان طرفان ڳالهين ۾ ڊيڊ لاڪ جو ڪو به اشارو ناهي مليو.ان موقعي تي عالمي مالياتي فنڊ عمران خان جي گرفتاري تي تبصرو ڪرڻ کان پاسو ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو