راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)آمريڪي سينٽر ايمي ڪلوبڪر به چيو آهي ته هوءَ پاڪستان کي آءِ ايم ايف کان قرض فراهم ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪندي.هن اها ڳالهه پاڪستاني آمريڪن طاهر جاويد جي رهائشگاهه تي ڊنر ۾ شرڪت جي موقعي تي چئي.ان موقعي تي پاڪستاني آمريڪي ميمبر ٽيڪساس اسيمبلي ڊاڪٽر سلمان لالاني پڻ موجود هو.ڪانگريس ميمبر ايمي ڪلوبوچر چيو ته معاشي طور مستحڪم پاڪستان نه رڳو آمريڪا پر گڏيل قومن لاءِ به اهم آهي.هن چيو ته منهنجي ڪوشش هوندي ته آءِ ايم ايف کان پاڪستان کي قرض جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي.










