پاڪستان ڊالر جي شديد کوٽ جي بحران کي منهن ڏيڻ لڳو

پاڪستان ڊالر جي شديد کوٽ جي بحران کي منهن ڏيڻ لڳو

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان هڪ سخت ڊالرن جي نقدي بحران مان گذري رهيو آهي ۽ تازي ٻوڏ آئي ايم ايف پروگرام جي ستن مهينن جي وقفي کانپوءِ ٻيهر شروع ٿيڻ جي باوجود اهم معاشي بنيادن کي وڌيڪ تباهه ڪري ڇڏيو آهي.واشنگٽن ۾ قائم انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) کان سرد جواب جي توقع ڪندي، پاڪستان اڃا تائين آءِ ايم ايف کي ريپڊ فنانسنگ انسٽرومينٽ (آر ايف آءِ) يا آفت جي رليف جي سهولت لاءِ تازي درخواست ڪئي آهي.هاڻ سخت ٻوڏن جي نتيجي ۾ 18 بلين ڊالرن جي نقصان جي ابتدائي اندازن سان پاڪستان جي زرعي شعبي کي سڀ کان وڌيڪ نقصان پهتو آهي ڇاڪاڻ ته زرعي ترقي جي رفتار هلندڙ مالي سال 23-2022ع جي متوقع هدف جي مقابلي ۾ 3.9 سيڪڙو تائين سست ٿي وئي آهي. صفر رهي يا منفي ٿي سگهي ٿو.زرعي شعبي جي ناقص ڪارڪردگي شين جي درآمد جي وڌندڙ گهرج تي دٻاءُ وجهندي ۽ جيڪڏهن پاڪستان ڊالر جي گهربل سطح تي آمدني پيدا ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيو ته موجوده مالي سال ۾ خوراڪ جي کوٽ پيدا ٿي سگهي ٿي.اعليٰ حڪومتي ذريعن ٻڌايو ته ڊالر جي آمد ۾ بهتري کان سواءِ پاڪستان جي معاشي ڪمزوري ڪٿي به نه وڃي سگهندي.

پهنجو تبصرو موڪليو