پاڪستان پاران سعودي عرب کان وڌيڪ قرض جي درخواست

پاڪستان پاران سعودي عرب کان وڌيڪ قرض جي درخواست

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان کي هلندڙ مالي سال جي آخر تائين 16 ارب ڊالرن جو قرض واپس ڪرڻو آهي.مٽا سٽا جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ پاڪستان سعودي عرب کان وڌيڪ قرض جي درخواست ڪئي.ذريعن موجب پاڪستان سعودي عرب کان وڌيڪ 4.2 ارب ڊالرن جي درخواست ڪئي آهي.اها درخواست پاڪستان طرفان توانائي جي خريداري ۽ بجيٽ جي مدد لاءِ ڪئي وئي آهي.ذريعن تفصيل ڏيندي ٻڌايو آهي ته سعودي عرب کان بجيٽ سپورٽ طور 3 ارب ڊالرن جي قرض جي درخواست ڪئي وئي آهي.1.2 بلين ڊالرن جو تيل ۽ يوريا ڀاڻ به سعودي عرب کان ٻين ادائيگين تي ورتو ويندو.ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته امداد جي اها درخواست سعودي عرب جي سفير ذريعي ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو