اسلام آباد(بيورو)پاڪستان قائم مقام افغان بچاءَ واري وزير جي بي بنياد الزام تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان کي افسوس جوڳو ۽ ذميوار سفارتي قدرن جي نفي قرار ڏنو آهي.پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته افغان بچاءَ واري وزير پاڻ اعتراف ڪيو آهي ته پاڪستان جي فضائي حدن کي افغانستان ۾ آمريڪي ڊرون حملن لاءِ استعمال ڪرڻ جو ڪو به ثبوت ناهي مليو.ترجمان چيو ته پاڪستان سمورن ملڪن جي علائقائي سالميت ۽ خودمختياري تي يقين رکي ٿو ۽ هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿو.










