ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان ٽيليويزن جو مشهور اداڪار مظهر علي لاڏاڻو ڪري ويو،اسپتال جي ذريعن موجب اداڪار مظهر علي دل جي عارضي ۾ مبتلا هو ۽ نجي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو وارثن مظهر علي جي لاڏاڻي جي تصديق ڪندي چيو ته مرحوم جي جنازي نماز اڄ طيبه مسجد ناظم آباد نمبر 3 ۾ ٿيندي اداڪار مظهر علي پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڊرامي “افشان” ۽ “عروسه ” کان ڪئي، ان کانسواءِ هن پي ٽي وي جي ڊرامي گرهه ۽ هاله سوڌو ٻين ڊرامن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاري ناظرين جي دلين ۾ جاءِ ٺاهي










