ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ خلاف چوٿين ون ڊي ميچ ۾ ڪاميابي کانپوءِ پاڪستان ٽيم آءِ سي سي ون ڊي رينڪنگ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪري ورتي.2005 ۾ آءِ سي سي رينڪنگ جا ضابطا جاري ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان پهريون ڀيرو ون ڊي رينڪنگ ۾ پهرين پوزيشن تي آيو آهي.پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ون ڊي سيريز شروع ٿيڻ کان اڳ پاڪستان پنجين پوزيشن تي هو، سيريز ۾ بهترين ڪارڪردگي سان پاڪستان نيوزيلينڊ خلاف هيل تائين کيڏيل چارئي ميچون کٽي پهرين پوزيشن ماڻي ورتي آهي.پاڪستان في الحال آسٽريليا ۽ ڀارت خلاف ڊيسيمل پوائنٽن تي اڳتي آهي، جيڪڏهن پاڪستان پنجين ميچ به کٽي ٿو ته ان جي سرسي واضح ٿي ويندي پر مئي جي وچ ۾ ون ڊي رينڪنگ جي سالياني اپ ڊيٽ کانپوءِ رينڪنگ ۾ تبديلي ٿي سگهي ٿي. ڪيويز خلاف چوٿين ون ڊي ميچ کٽڻ کانپوءِ گرين شرٽس جون مجموعي ريٽنگ پوائنٽس 113.483 ٿي ويون آهن، آسٽريليا جون ريٽنگ پوائنٽس 113.286، جڏهن ته ڀارت جون ريٽنگ پوائنٽس 112.638 آهن.










