ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان چوٿين ون ڊي ميچ ۾ نيوزيلينڊ کي 102 رنسن جي وڏي مارجن تان شڪست ڏئي ڇڏي. ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ مهمان ٽيم ٽاس کٽي اڳ ۾ بالنگ جو فيصلو ڪيو، دعوت ملڻ تي پهريان کيڏندي پاڪستان مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 334 رنسون ٺاهيون. ڪپتان بابر اعظم 107 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، آغا سلمان 58، شان مسعود 44، افتخار احمد 28، شاهين آفريدي 23 رنسن سان اڳڀرا رهيا. جواب ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم 43.4 اوورن ۾ 232 رنسن تي ڍير ٿي وئي، ڪپتان ٽام ليٿم 60، مارڪ چيپمين 46، ڊيرل مچل 34، ڊام بلنڊل 23 رنسون ٺاهيون. پاڪستان طرفان اسامه مير 4، محمد وسيم 3، حارث رئوف 2، جڏهن ته شاهين آفريدي هڪ وڪيٽ ورتي.










