اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان موبائل فون ايڪسپورٽ ڪرڻ وارو ملڪ بڻجي ويو آهي.پهرين کيپ متحدو عرب امارات موڪلي وئي. ساڍ پنج هزار سيٽ پهرين کيپ ۾ ايڪسپورٽ ڪيا ويا آهن. پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي تصديق ڪندي چيو آهي اسين فور جي سيٽ ڍائنا ماڊلز جا ٺاهي رهيا آهيون ۽ اسانجو ٽارگٽ مڊل ايسٽ، عراق، ايران ۽ افغانستان آهن. هنن ملڪن ۾ 100 ڊالر تائين فون سيٽ خري ڪيا وڃن ٿا ۽ اسين ان رينج جا سيٽ ٺاهيا آهن. اِنووي ٽيليڪام پرائيويٽ لميٽيڊ نالي ڪمپني 4 مهينا اڳ ورتل ايڪسپورٽ آرڊر پورو ڪيو آهي. ڪمپني جي چيف ايگزيڪيٽو ذيشان ميان نور جو چوڻ آهي ته اسين ڪاميابي سان پهريون آرڊر پورو ڪيو آهي ۽ ڪوششش هوندي ته ٻين ملڪن ۾ به وڃون. هن بڌايو ته اسانجي ايڪسپورٽ ڪيل موبائل فون سيٽس ۾ ’ڊيوائيس آئيڊنٽيفڪيشن، رجسٽريشن اينڊ بلاڪنگ سسٽم‘ يعني ’ڊي آءِ آر بي ايس‘ موجود آهي.










