پاڪستان مهانگائي جي لحاظ کان سريلنڪا کان اڳتي نڪري ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)توانائي ۽ خوراڪ جي قيمتن ۾ واڌ سبب پاڪستان مهانگائي ۾ مالي بحران جو شڪار سريلنڪا کان به اڳتي نڪري ويو. آمريڪي ميگزين بلومبرگ جي رپورٽ موجب اپريل ۾ پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح 36 سيڪڙو کان وڌي وئي جيڪا 1964ع کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ آهي.بلومبرگ جي رپورٽ موجب اپريل ۾ سريلنڪا ۾ مهانگائي جي شرح 35 سيڪڙو هئي جيڪا پاڪستان کان گهٽ آهي.آمريڪي جرنل جي رپورٽ ۾ چيو ويو ته سريلنڪا معاشي بحران تي قابو پائيندي نظر اچي رهيو آهي، جڏهن ته پاڪستاني ڪرنسي کي هن سال بدترين گهٽتائي جو منهن ڏسڻو پيو، جيڪو ڊالر جي مقابلي ۾ 20 سيڪڙو گهٽجي ويو ۽ دنيا جي ڪمزور ڪرنسي قرار ڏنو ويو. .ٻئي طرف شماريات واري اداري موجب پاڪستان ۾ اپريل مهيني دوران مهانگائي جي شرح ۾ 2.4 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.شماريات واري بيورو مهيني مهانگائي جي انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، جنهن موجب اپريل ۾ مهانگائي جي شرح 36.42 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي. اداري جي شماريات موجب اپريل ۾ کاڌي پيتي جي مهانگائي جي شرح 52.2 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، ٻهراڙي وارن علائقن ۾ مهانگائي جي شرح اپريل ۾ 40.7 سيڪڙو جي رڪارڊ سطح تي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو