اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پرڏيهي وزارت چيو آهي ته پاڪستان مشرقِ وسطيٰ ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، سعودي عرب ۽ يو اي اي (گڏيل عرب امارات) تي ڊرون حملي جي مذمت ڪريون ٿا، ائٽمي تنصيبات کي نشانو بڻائڻ عالمي قانونن جي سنگين خلاف ورزي آهي.هفتيوار بيفنگ ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو ته گهرو وزير ايران جا 2 دورا ڪيا، ايراني قيادت سان اهم ملاقاتون ٿيون، ملاقاتن ۾ پاڪ-ايران ٻطرفن لاڳاپن ۽ سيڪيورٽي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته چين هر ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي، پاڪستان ۽ چين وچ ۾ بهترين لاڳاپا موجود آهن، واپار، صنعت، تعليم ۽ عوامي رابطن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ باهمي شراڪتداري موجود آهي. طاهر حسين اندرابي چيو ته سفارتي لاڳاپن جي 75 سالن تي پاڪ-چين لازوال دوستي ۽ باهمي سهڪار جو عزم ورجايو پيو وڃي، پاڪ-چين لاڳاپا وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿيا آهن، چين پاران غير متزلزل (اڻٽر) حمايت جاري آهي. هن ٻڌايو ته وزيراعظم سڀاڻي کان 26 مئي تائين چين جو دورو ڪندو، سندس دورو ٻنهي ملڪن جي آل ويبدر اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ جي تجديد ۽ وڌيڪ مضبوطيءَ جو سبب بڻجندو، وزيراعظم پاڪ-چين بزنس ٹو بزنس ڪانفرنس جي صدارت به ڪندو، بيجنگ ۾ وزيراعظم هڪ استقباليه تقريب ۾ به شرڪت ڪندو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته وزيراعظم جي ملاقات چيني صدر شي جن پنگ ۽ چيني وزيراعظم لي چيانگ سان ٿيندي، جنهن ۾ زراعت، واپار، آئي ٽي، سائنس ۽ عوامي سطح تي رابطن کي هٿي ڏيڻ تي ڌيان ڏنو ويندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ڀارت خطي ۾ دهشتگردي پکيڙڻ جي پٺيان پيل آهي، ڀارت ڪشمير ۾ انساني حقن لاءِ بلند ٿيندڙ آوازن کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، والاريل ڪشمير ۾ ٿيندڙ بربريت (ظلم) جي عالمي برادري گواهہ آهي، ڪشميري اڳواڻن سان ٿيندڙ ظلم قابلِ مذمت آهن. پرڏيهي وزارت پاران واضح ڪيو ويو ته پاڪستان 21 مئي جي واقعي ۾ شهيد ٿيل ڪشميرين کي خراجِ عقيدت پيش ڪري ٿو. طاهر حسين اندرابي چيو ته 17 مئي تي سعودي عرب ۽ يو اي اي جي فضائي حدن ۾ ڊرون حملن جا واقعا پيش آيا، ائٽمي تنصيبات کي نشانو بڻائڻ عالمي قانونن جي سنگين خلاف ورزي آهي، پاڪستان ڊرون واقعن تي گهري تشويش جو اظهار ڪيو ۽ سخت مذمت ڪئي، پاڪستان اميد ظاهر ڪئي ته اهڙا افسوسناڪ واقعا ٻيهر نه ٿيندا. ترجمان گڏيل عرب امارات (يو اي اي) مان پاڪستانين کي نيڪالي ڏيڻ (ڊيپورٽ ڪرڻ) بابت سوال جي جواب ۾ چيو ته يو اي اي مان پاڪستانين کي ڪڍڻ جا الزام بي بنياد آهن، اسان اهڙن الزامن کي رد ڪريون ٿا، تقريبن 3000 پاڪستانين کي گڏيل عرب امارات مان ڪڍڻ جا سبب مختلف آهن ۽ جيڪڏهن اسان اتي موجود پاڪستاني ڊائسپورا (رهواسين) کي ڏسون ته هي هڪ معمولي انگ آهي.










