پاڪستان لاءِ قرض ۽ قسط جي منظوري لاءِ اجلاس 9 مئي تي طلب

پاڪستان لاءِ قرض ۽ قسط جي منظوري لاءِ اجلاس 9 مئي تي طلب

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس 9 مئي تي ٿيندو جنهن ۾ پاڪستان لاءِ موسمياتي تبديلي لاءِ 1.3 ارب ڊالر جي نئين قرض جي منظوري ۽ اڳ ۾ هلندڙ 7 ارب ڊالر واري پروگرام جو جائزو مڪمل ڪرڻ بعد هڪ ارب ڊالر جي قسط جار ڪرڻ تي غور بعد منظوري ڏيندو. فنڊ جي ويب سائيٽ مطابق، هي “ايڪسٽينڊڊ فنڊ فيسيلٽي (EFF)” تحت وڌايل انتظام جو پهريون جائزو هوندو، جنهن سان گڏ “ريسيلينس اينڊ سسٽينيبليٽي فيسيلٽي (RSF)” تحت نئين قرض جي درخواست به شامل هوندي. ان کان اڳ، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب واشنگٽن جي دوري دوران چيو هو ته هن کي به اميد آهي ته آءِ ايم ايف جو ايگزيڪيوٽو بورڊ مئي جي شروعات ۾ منظوري ڏيندو. بورڊ جي منظوري سان پروگرام تحت هڪ ارب ڊالر جي قسط جاري ڪئي ويندي، جيڪا پاڪستان 2024 ۾ حاصل ڪئي هئي. آءِ ايم ايف جو پروگرام پاڪستان جي ڪمزور معيشت کي مستحڪم ڪرڻ، ضروري پرڏيهي فنڊ فراهم ڪرڻ ۽ مارڪيٽ جو اعتماد بحال ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري چڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو