پاڪستان سان مسلسل نائين جائزي ڪم ڪري رهيا آهيون، آءِ ايم ايف

پاڪستان سان مسلسل نائين جائزي ڪم ڪري رهيا آهيون، آءِ ايم ايف

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي پاڪستان لاءِ مشن چيف ناٿن پورٽر چيو آهي ته آءِ ايم ايف پاڪستان سان 9 هين جائزي تي مسلسل ڪم ڪري رهيو آهي.هڪ بيان ۾ آءِ ايم ايف مشن جي سربراهه چيو ته نائين جائزي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ضروري سڌارن جو جائزو ورتو پيو وڃي.هن چيو ته پاڪستان کي گهربل فنانسنگ نائين اليون جي ڪامياب مڪمل ٿيڻ کانپوءِ جاري ڪئي ويندي.آءِ ايم ايف مشن جي سربراهه جو چوڻ آهي ته نائين جائزي جي ڪاميابي سان عملي سطح تي معاهدو ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو