پاڪستان سان اسٽريٽيجڪ تعلق وڌائڻ جو موقعو آهي، روبيو

پاڪستان سان اسٽريٽيجڪ تعلق وڌائڻ جو موقعو آهي، روبيو

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪا جي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو چيو آهي ته آمريڪا پاڪستان سان پنهنجي اسٽريٽيجڪ يعني حڪمت عملي واري لاڳاپي کي وڌائڻ جو موقعو ڏسي رهيو آهي، ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ تازو مضبوط ٿيندڙ لاڳاپا واشنگٽن جي نئين دهلي سان لاڳاپن جي قيمت تي نه ٿا اچن. هن اهي ڳالهيون پريس بريفنگ دوران ڪيون، جتي کانئس پڇيو ويو ته ڇا ڀارت آمريڪا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ “ويجهي لاڳاپن” بابت ڪا ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي؟ روبيو چيو، “نه واقعي به نه. منهنجو مطلب آهي، اسان ڄاڻون ٿا ته هو پريشان آهن، جيڪي تاريخي سببن ڪري واضع آهي، ڇاڪاڻ⁠ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ تڪرار موجود رهيو آهي، پر منهنجي خيال ۾ انهن کي سمجهڻ گهرجي ته اسان کي ڪيترن ئي ملڪن سان لاڳاپا رکڻا پوندا.” هن وڌيڪ چيو ته، “اسان پاڪستان سان حڪمت عملي وارو لاڳاپو وڌائڻ جو موقعو ڏسون ٿا، ۽ منهنجي خيال ۾ اهو اسان جو ڪم آهي ته ڏسون ته ڪهڙن ملڪن سان گڏجي گڏيل مفادن تي ڪم ڪري سگهون ٿا. “منهنجي خيال ۾ ڀارت ڊپلوميسي ۽ اهڙن معاملن ۾ تمام پختا آهن، ڏسو، انهن جا ڪجهه لاڳاپا اهڙن ملڪن سان به آهن، جن سان اسان جا لاڳاپا ناهن. تنهن ڪري، هي هڪ پختي ۽ حقيقت پسند پرڏيهي پاليسي جو حصو آهي. منهنجي نظر ۾ پاڪستان سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو ڪنهن به صورت ۾ اسان جي ڀارت سان تاريخي، گهري ۽ اهم دوستي جي نقصان تي ناهي.” روبيو کان پڇيو ويو ته ڇا آمريڪا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ لاڳاپن ۾ بهتري اسلام آباد جي ان “سڃاڻپ” تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ آمريڪا ۽ صدر (ڊونلڊ ٽرمپ) جو ڪردار ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ممڪنه جنگ کي روڪڻ ۾ رهيو؟ هن وضاحت ڪندي چيو، “جڏهن توهان ڪنهن سان ڪم ڪندا آهيو ته توهان هڪ ٻئي کي بهتر سمجهڻ لڳندا آهيو، ۽ منهنجي خيال ۾ هنن ان تي خوشي محسوس ڪئي. پر ان تڪرار شروع ٿيڻ کان اڳ ئي مون انهن سان رابطو ڪيو هو ۽ چيو هو ته ڏسو، اسان توهان سان اتحاد ۽ حڪمت عملي واري ڀائيواري ٻيهر تعمير ڪرڻ ۾ دلچسپي رکون ٿا. اسان سمجهون ٿا ته اسان گڏجي ڪيترين ئي ڳالهين تي ڪم ڪري سگهون ٿا.” روبيو ٻيهر زور ڏنو ته آمريڪا “ڀارت سان لاڳاپن ۽ ٻين سڀني چئلينجن کان مڪمل آگاهه آهي، پر اسان جو ڪم اهو آهي ته جتي به ممڪن هجي، شراڪتداري جا موقعا پيدا ڪجن. اسان وٽ پاڪستان سان دهشتگردي خلاف ڊگهو تاريخي لاڳاپو رهيو آهي، ۽ جيڪڏهن ممڪن ٿيو ته اسان ان کي ان کان اڳتي وڌائڻ چاهيون ٿا، جيتوڻيڪ ڄاڻون ٿا ته ان ۾ مشڪلاتون ۽ چئلينج هوندا.” هن وڌيڪ چيو، “منهنجي خيال ۾ اهو حوصلا افزا قدم آهي ته هي لاڳاپا جنهن انداز سان مضبوط ٿيا آهن، اهو ڪنهن به طرح ڀارت يا ڪنهن ٻئي ملڪ سان سٺن لاڳاپن جي متبادل ۾ ناهي.”

پهنجو تبصرو موڪليو