پاڪستان خلاف ڪا به سازش ڪامياب نه ٿيندي: پاڪ فوج ترجمان

پاڪستان خلاف ڪا به سازش ڪامياب نه ٿيندي: پاڪ فوج ترجمان

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل بابر افتخار چيو آهي ته پاڪستان خلاف ڪنهن به سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جون ڳجهيون ايجنسيون سازشن خلاف ڏينهن رات ڪم ڪري رهيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جون انٽيليجنس ايجنسيون ۽ ادارا ڀرپور انداز ۾ ڪم ڪري رهيا آهن ۽ جيڪڏهن ڪنهن به پاڪستان خلاف سازش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو. پاڪ فوج جو ترجمان اڳ ۾ چئي چڪو آهي ته ملڪي سالميت خلاف ڪنهن به سازش کي روڪڻ ۽ ان جو ازالو ڪرڻ پاڪ فوج جي ذميواري آهي. ميجر جنرل بابر افتخار به چيو هو ته پاڪستان خلاف ڪا به سازش ناهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو