اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر)پاڪستان جي 14هين صدر آصف علي زرداري عهدي جو حلف کڻي ورتو.حلف برداري واري تقريب ايوان صدر ۾ ٿي، جنهن ۾ اڳوڻي صدر عارف علوي، وزيراعظم شهباز شريف، ن ليگ اڳواڻ نواز شريف، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق، بلاول ڀٽو، بختاور ڀٽو، آصفه ڀٽو زرداري ۽ ٻين شرڪت ڪئي.ان کان علاوه چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا ۽ ٽنهي هٿيار بند فوجن جي سربراهن پڻ تقريب ۾ شرڪت ڪئي. چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ نئين چونڊيل صدر آصف علي زرداري کان حلف ورتو. حلف برداري بعد ايوان صدر ۾ جيئي ڀٽو جا نعرا لڳندا رهيا، بختاور ڀٽو پنهنجي ور ۽ پٽ سميت شريڪ ٿي، آصفه ڀٽو موبائيل تي حلف برداري جي ،مووي ڀريندي رهي. ياد رهي ته 2008 کان 2013 تائين آصف علي زرداري ملڪ جو صدر رهيو هو ۽ هاڻي بيو ڀيرو ان عهدي جو حلف کنيو آهي. گذريل ڏينهن هن 411 اليڪٽورل ووٽ کڻي محمود خان اچڪزئي کي شڪست ڏني هئي. اچڪزئي 181 اليڪٽورل ووٽ کنيا هئا.










