پاڪستان جي ڪل آبادي 25 ڪروڙ 20 لکن کان وڌي وئي

پاڪستان جي ڪل آبادي 25 ڪروڙ 20 لکن کان وڌي وئي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي اقتصادي سروي تحت پاڪستان ۾ وڌندڙ آبادي ۽ ان جي سنگين اثرن جي حوالي سان حقيقت نامو (فئڪٽ شيٽ) جاري ڪيو ويو. قومي اقتصادي سروي موجب ملڪ جي ڪل آبادي 25 ڪروڙ 20 لک 9 هزار کان وڌي وئي آهي.ڪل آباديءَ ۾ مردن جو انگ 12 ڪروڙ 95 لک 40 هزار ۽ ملڪ ۾ عورتن جو انگ 12 ڪروڙ 24 لک 50 هزار ٿي ويو آهي. قومي اقتصادي سروي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اهڙي ريت مردن ۽ عورتن جي صنف جو فرق رڳو 71 لکن تائين محدود رهجي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو