پاڪستان جي پهرين ميوزڪ پاليسي جو مسودو تيار

پاڪستان جي پهرين ميوزڪ پاليسي جو مسودو تيار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان جي پهرين ميوزڪ پاليسي جو مسودو تيار ڪيو ويو آهي.مريم اورنگزيب پنهنجي تازي بيان ۾ چيو آهي ته ميوزڪ پاليسي ذريعي ميوزڪ انڊسٽري کي مراعات ۽ سهولتن سان نئين زندگي ملندي، پائريسي، ڪاپي رائيٽ سميت ميوزڪ انڊسٽري کي درپيش مسئلا حل ٿي ويندا.مريم اورنگزيب چيو آهي ته عوامي ڪارڪردگي، پيداوار، موافقت، مدو، مڪينيڪل، مواصلاتي حقن کي قانوني ڍانچي ۾ آندو پيو وڃي.هن وڌيڪ چيو ته صارفين ۽ لائسنس جو مسئلو به حل ڪيو ويندو، ميوزڪ انڊسٽري کي پروموٽ ڪيو ويندو، نجڪاري جي خاتمي سان ميوزڪ ورڪرن جي بنيادي قانوني حقن جو تحفظ ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو