پاڪستان جي هوائي فوج جو جهاز امدادي سامان کڻي ترڪيه پهچي ويو

پاڪستان جي هوائي فوج جو جهاز امدادي سامان کڻي ترڪيه پهچي ويو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي هوائي فوج جو جهاز امدادي سامان کڻي ترڪيه پهچي ويو آهي. هوائي فوج ترجمان موجب، هوائي فوج جو آءِ ايل 78 جهاز پي اي ايف بيس لاهور مان تنبو ۽ ٻيو ضروري شيون کڻي ترڪيه جي شهر ادانه پهتو. ترجمان جو چوڻ آهي ته آءِ ايل 78 جهاز پاڪستاني عوام طرفان زلزلي متاثر ترڪ ڀائرن لاءِ 16 ڏهائي 5 ٽن امدادي سامان کڻي پهتو آهي. هوائي فوج ترجمان موجب، پاڪستان جي هوائي فوج، پرڏيهي وزارت ۽ ترڪيه ۾ پاڪستاني سفارتخاني سان گڏجي ڦاٿل پاڪستانين کي ڏيهه آڻڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي. ترجمان جو چوڻ آهي ته ترڪيه ۾ ڦاٿل 8 پاڪستاني مسافرن کي هوائي فوج جي آءِ ايل 78 جهاز تي ڏيهه پهچايو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو